حڪومت هڪ ڀيرو بجلي جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي

0
96

حڪومت اقتصادي رابطا ڪميٽي في يونٽ 3 رپيا 82 پئسا ليوي مڙهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،،جڏهن ته 170 ارب جا نوان ٽئڪس لڳائڻ لاءِ مني بجيٽ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، ذريعا ٻڌائن ٿا ته مني بجيٽ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ بدران آرڊيننس جي صورت ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

حڪومت بجلي جي استعمال جي هر يونٽ تي پاور هولڊنگ ليوي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ اقتصادي رابطا ڪميٽي 3.82 رپيا في يونٽ ليوي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

پاور ڊويزن جي ذريعن موجب، بجلي جي اگهن تي ليوي مرحليوار لاڳو ڪئي ويندي ۽ نيپرا کان منظوري کانپوءِ واهپيدارن لاءِ بجلي 31 رپيا 74 پئسا في يونٽ ٿي ويندي

ذريعن موجب، پاور هولڊنگ ليوي 43 پئسا فيبروري کان مارچ لاءِ منظور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مارچ کان جون تائين 3 رپيا 39 پئسا اضافي ليوي ۽ جولاءِ کان آڪٽوبر تائين 43 پئسن سان گڏ وڌيڪ هڪ رپيو ليوي لاڳو ڪئي ويندي ۽  3.39 رپيا ليوي ختم ٿي ويندي، اهڙي طرح نومبر 2023ع کان جون 2024ع تائين 1.43 رپيا ليوي لاڳو رهندي

ذريعن موجب، پاور هولڊنگ ليوي 300 يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي، لائف لائين ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي واهپيدارن کي به پاور هولڊنگ ليوي کان ڇوٽ ڏني ويندي، ان دوران حڪومت ٻوڏ متاثرن ۽ زرعي واهپيدارن لاءِ 2.75 رپيا في يونٽ رليف ختم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي

ٻئي پاسي آءِ ايم ايف سان آن لائن ڳالهين ذريعي 170 ارب جا نوان ٽئڪس لڳائڻ لاءِ مني بجيٽ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، مني بجيٽ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ بدران آرڊيننس جي صورت ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري بعد هاري پئڪيج ۽ برآمدي شعبي لاءِ سبسڊي ختم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here